ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان جلباڻي شاخ کي ڳوٺ انور علي بروھي وٽان 10 فٽ گھارو پئجي ويو، گھارو لڳڻ سبب ڀرپاسي جي زمين پاڻي ھيٺ اچي وئي، جڏهن ته ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪيو، ان حوالي سان آبادگارن انور بروھي، محمد علي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته آبپاشي عملدارن جي لاپرواهي سبب گهارو لڳو آهي، اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گهارو بند ڪرڻ نه پهتا، جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.