ڀان سيدآباد (ن پ ا) ڀان سيدآباد شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ قائم ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر تان ڪورونا کان بچاء بابت ويڪسين ختم ٿي وئي آهي، ڊي ايڇ او ڄامشورو پاران گهٽ تعداد ۾ ويڪسين ملڻ سبب ويڪسين جلد ختم ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري ويڪسين ڪرائڻ لاء پهتل ڪيترائي شهري توڙي سرڪاري ملازم واپس روانا ٿي ويا آهن، ڪيترائي شهري ويڪسين ڪرائڻ لاء سيوهڻ جي سيد عبدالله شاه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز روانا ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ڀان سيدآباد اسپتال انتظاميا جو چوڻ هيو تہ ويڪسين ختم ٿي وئي آهي، اختيارين کي آگاهي ڏني آهي، سڀاڻي (اڄ) خميس ڏينهن تائين ويڪسين اچي ويندي جنهن بعد عوام کي ويڪسين ڪئي ويندي.