مانجھند (رپورٽر) مانجھند ويجھو انڙپور جي سرڪاري اسپتال ۾ مريضن لاءِ بي لاڀ بڻجي وئي آهي، جتي صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون آهن، جڏهنت ه اسپتال ۾ ڊاڪٽر ھجڻ باوجود مريضن کي ڊسپينسر چيڪ اپ ڪرڻ ۽ دوائون ڏيڻ لڳا آهن. ان ڏس ۾ انڙپور جي سماجي اڳواڻن امتياز علي غلام حسين صوفي طارق ۽ فياض کوسو ٻڌايو ته انڙپور جيڪو 10 ھزار آبادي رکندڙ شھر لاء سرڪاري اسپتال ۾ صرف ھڪ ڊاڪٽر مليل آھي اھو به ڊاڪٽر اسپتال ۾ تہ حاضر آھي پر مريضن جي چيڪ اپ لاء تيار نہ آھي. مريضن کي ڪورونا بابت ڪھاڻيون ٻڌائي انھن کي موٽائي ڇڏي ٿو، جنھن جي صورت ۾ ڪي مريض عطائي ڊاڪٽر وٽ وڃڻ تي مجبور ٿيندا آھن يا اسپتال ۾ موجود ڊسپينسر پنھنجي طرفان ٻہ ٽي دوائون ڏئي ڇڏين ٿا، جيڪڏھن انھن سان ڳالھيندا آھيون تہ اھي مختلف حساب سان داٻا دھمان ڪندا آھن اگر اسپتال م ڪو ٽي بي جو مريض چيڪ اپ لاء ويندو آھي تہ ان مريض کان پرائيوٽ اسپتال جي مطابق ٻه ھزار فيس جا اوڳاڙين ٿا ۽ انھن ٽي بي جي مريضن کي رپورٽ زباني ٻڌائين ٿا تہ توکي ٽي بي آھي يا نه ڇا ميڊيڪل ٽيسٽ ان ئي وقت زباني ٿيندي آھي؟ ڄڻ ڪو انٽرويو ڏيڻو ھجي جنھن جي رزلٽ 10منٽن ۾ ملندي ھجي، انھي کان علاوہ جڏھن اسپتال ۾ سرڪاري سطح تي ڪم ھلندو ھو. ان وقت ھتي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ھتان مريضن جا الٽرا سائونڊ ۽ عورتن جي ڊليوري ڪيسن ۾ اسپتال جا ڊاڪٽر بھتري سان ڊيل ڪندا ھئا، جڏھن اھو اسپتال پي پي ايڇ آءِ اداري ھيٺيان ڪم ڪرڻ لڳو آھي ته ڊليوري ڪيس 90 سيڪڙو ھن اسپتال بدران ڄامشورو حيدرآباد وڃن ٿا. ان کان علاوه اسپتال ۾ موجود الٽرا سائوڊ مشينون سولر پليٽون جيڪي اسپتال مان غائب اھن الاھي ڪيڏانھن ويون آھن اسان ڊي جي ھيلٿ کان مطالبو ڪيون ٿا ته انڙ پور اسپتال ۾ ڊاڪٽرن ۽ انتظاميہ کي ايمانداري سان ڊيوٽي ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان صحت خاطر سرڪاري اسپتال عملي خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو.