ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ ڳوٺ بوديوال ۾ پورهيت اجمل ميگهواڙ جي گهر کي باهه لڳي وئي، نتيجي ۾ گهرن اندر بيٺل 3 مينهون، 3 ڍڳيون ۽ 4 ٻڪرين سميت پورهيت جو الهه تلهه سڙي خاڪ ٿي ويو، اطلاع تي فائر برگيڊگاڏي پهچي باهه وسائي، ٻي طرف کليل آسمان هيٺ ويٺل پورهيت وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي.