ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڦلجي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ غلام چانڊيو ۾ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهرو معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ميھر خاصخيلي، عابد علي خاصخيلي، مسمات شمائلا ڌيُ ميهر خاصخيلي ۽ مسمات تهمينه زال گوهر خاصخيلي شامل آهن، زخمين کي وارثن پاران اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته جھيڙي جو ڪيس داخل نه ٿيو.