عمرڪوٽ (ن پ ا) عمرڪوٽ ڀرسان روحل واهه روڊ تي نامعلوم تيز رفتار نامعلوم ڪار سوار ڇاڇرو جي ڳوٺ ڇهو نهڙي واسي درويش صفت بادل نهڙي کي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويو. جڏهن ته ٽڪر جي نتيجي ۾ درويش صفن نوجوان شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ پهچايو، جتي نوجوان جو علاج جاري آهي. ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب کيس هوش ناهي اچي سگهيو، حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.