ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ لڳ ڳوٺ سمندر گوپانگ ٻاهران زميندار عبدالقادر گوپانگ جي ڪڻڪ جي ديري کي نامعلوم شر پسند باهه ڏئي فرار ٿي ويا، باهه لڳڻ سبب زميندار جي 8 جريبن جي ڪڻڪ سڙي رک ٿي وئي، واقعي بعد اطلاع تي سوين ڳوٺاڻا پهچي ويا جن باھ کي وڌيڪ ٻين ديرن تائين ڦهلجڻ کان روڪي ضابطو آڻي ورتو. ياد رهي ته ساڳي ئي زميندار جي زمين ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ به ديري کي باھ ڏئي ساڙيو ويو هو.