خانپورمهر (ن پ ا) خانپورمهر جي شاهي بازار ۾ قائم هڪ دڪان مالڪ دليپ ڪمار صحافين آڏو دانهيندي الزام ھنيو ته ڪپڙا مارڪيٽ جي اڳواڻ بچارام 500 رپيا رشوت نه ڏيڻ تي منهنجي مٿان تشدد ڪيو دليپ ڪمار ٻڌايو ته بچارام سموري شهر جي دڪاندارن کان رشوت وٺي رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته کيس منٿلي پوليس کي پهچائڻي آهي دليپ ڪمار مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪپڙا مارڪيٽ جي صدر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي الزام ھيٺ آيل بچا رام ٻڌايو ته ھو افطاري جي پروگرام لاءِ چندو گڏ ڪري رھيو ھو باقي ھن ڪنھن مٿان زور زبردستي ء تشدد ناھي ڪيو، ھوڏانھن ايس ايڇ او خانپورمھر ٻڌايو ته شھر م لاڪ ڊاؤن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پوليس اھلڪار شھر جو گشت تي معمور ٿيل آھن ڪنھن کي به ڀڃڪڙي ڪرڻ جي اجازت نه ھوندي.