باڊھ ( ن پ ا ) ڏوڪري ۾ ٽن مهينن کان مختيارڪار مقرر نه ٿيڻ سبب شهرين جا ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا آهن.علي شير ساريو، غلام مرتضيٰ راڄپر، غلام نبي بروهي جو چوڻ هو ته ڏوڪري ۾ مختيارڪار توڙي اسسٽنٽ مختيارڪار مقرري ناهن ٿي سگهيا، روينيو کاتي متعلق جائز مسئلا وڌي ويا آهن.ڪلارڪ امجد جوڻيجو کي اسسٽنٽ مختيارڪار ڏوڪري جهڙي اهم عهدي تي زباني حڪم تحت مقرر ڪيو ويو آهي،هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مختيار ڪار ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار جون پوسٽون ڪافي وقت کان خالي پيل آهن، روينيو کاتي جي اعليٰ اختيارين کي آگاهي ڏئي ڇڏي آهي.