لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو آرٽس ڪائونسل ۾ سڪندر عباسي جي ڪھاڻين تي مشتمل ڪتاب “ڪچي ننڊ جا خواب” جي مھورتي تقريب ٿي. اڳوڻي ڊي آءِ جي اختر جانوري صدارتي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ سنڍ ناهي ٿي، توڙي جو مٿس ڪيترائي  حملا ٿيندا رھيا آھن، سنڌي ڪھاڻيءَ جي مرڻ واريون ڳالھيون غلط آھن، خاص مھمان محمد علي پٺاڻ چيو ته سڪندر جون ڪھاڻيون ڪھاڻيون به آھن ته ڊراما به آھن ھو اَملھ ماڻڪ ليکڪ آھي جيڪو درد لڪائي کلڻ ڄاڻي ٿو.اعزازي مھمان رفعيه بخاري چيو ته سڪندر عباسي ڪھاڻي، ڊرامي ۽ ڪالم نويسيءَ ۾ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.روشن شيخ چيو ته سڪندر جون ڪھاڻيون سماج جو آئينو آھن.شاعر اختر پيا چيو ته سڪندر عباسي لفظن جو جادوگر ڪھاڻيڪار آھي.ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته سڪندر عباسي منھنجو ھمعصر ڪھاڻيڪار آھي.آرٽس ڪائونسل ادب شعبي جي چيئرمين پروفيسر ملھار سنڌي چيو ته سڪندر عباسيءَ جي ڪھاڻين جون پاڙون سنڌي سماج ۾ کتل آھن.پروفيسر جھانگير عباسي پروگرام جي ڪاروائي ھلائي. ان موقعي تي ادا قاضيءَ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪري فاتحه پڙھي وئي.