ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏوڪري جي عدالت ۾ فائرنگ، طلاق ڪيس جي ٻڌڻي تي پهتل ناري ڏير هٿان قتل، باءِ پاس جي رهواسڻ تهمينه سانگهرو کي ڏوڪري جي عدالت اندر سندس ڏير اياز عرف پپو جتوئي ۽ ٻيا جوابدار گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، ڏوڪري پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ لاش ڏوڪري اسپتال آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ڏوڪري باءِ پاس جي رهواسي محمد صالح سانگهرو جي ڌيءَ تهمينه سانگهرو جي رتوديرو جي ڳوٺ زنگيجا واسي اويس جتوئي سان شادي ٿيل هئي سندس ٽن سالن جو هڪ پُٽ به آهي. مقتولا عورت، سندس مڙس ۽ ڏيرن وچ ۾ ڪيتري ئي وقت کان گهريلو اڻبڻت هلندڙ هئي جنهن جي نتيجي ۾ تهمينه سانگهرو هڪ مهينو اڳ ڏوڪري ٿاڻي تي ڏيرن خلاف اين سي به داخل ڪرائي هئي. ان سلسلي ۾ مقتولا جي والد محمد صالح سانگهرو ٻڌايو آهي ته منهنجي ڌيءَ کي سندس مڙس ۽ ڏير مارڪٽ ڪندا هئا جنهن سبب گھريلو اڻبڻت وڌي وڃڻ ڪري منهنجي ڌيءَ تهمينه سانگهرو مڙس کان طلاق وٺڻ لاءِ ڏوڪري عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن جي طلاق واري ڪيس جي حاضري رکيل هئي جنهن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ڌيءَ ۽ مان عدالت ۾ پهتاسين ته ظالمن جوابدار اياز عرف پپو جتوئي ۽ ٻين عدالتي احاطي ۾ گوليون هڻي ڌيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي ڌيءَ کي ڏيرن مان جان جو خطرو هو جنهن جي ڪري ڏيرن خلاف ڏوڪري ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي هئي، اين سي داخل ٿيڻ بعد ڏوڪري پوليس جوابدارن کي گرفتار به ڪيو هو پر پئسن جي ڏيتي ليتي بعد انھن کي ڇڏي ڏنو هو جنهن جي ڪري ڪالهه هي واقعو پيش آيو آهي. هن آءِ جي سنڌ سميت ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي.