نيوسعيدآباد (رپورٽ: محمد الدين بلوچ/ سليمان ساند) ڪارنھن الزام ۾ ويڳو ڀاءُ 20 سال جو پنھون لاکو ۽ ڀيڻ 16 ورهين جي سھڻي لاکو قتل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس قتل الزام ۾ پيءُ طالب لاکو ۽ سندس پٽ  مشتاق کي گرفتار ڪرڻ بعد سندن نشاندهي تي ڪراچي ڀرسان ٽول پلازا وٽان پنھون لاکو جو لاش ھٿ ڪري ورتو آهي. جڏهن ته سھڻي لاکو جو لاش روھڙي ڪينال مان باقر موري وٽان مليو، ناري جو لاش ٽنڊو آدم اسپتال آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو،  ايس ايڇ او نيوسعيدآباد موجب پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ موجب ناري جو گلو ڪپيل ھو ۽ سندس پيٽ ۾ ڇھن مھينن جو ٻار به ھو جيڪو به فوت ٿي چڪو ھو ۽ ائين ھي ٽن قتلن جو واقعو آھي، ٻئي لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جوابدار مشتاق لاکو ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو پي بيگناھ آھي، کيس ڪابه خبر ناھي مون ۽ منھنجي ڀاءُ خالد لاکي گڏجي شڪ پوڻ تي ھالا مان ڀيڻ سھڻي جو الٽرا سائونڊ ڪرايو، جنھن ۾ پنجن مھينن جو ٻار ظاھر ٿيو، پڇا ڪرڻ تي ڀيڻ ويڳي ڀاءُ جو نالو کنيو. هن چيو ته ڀاءُ سان گڏجي ڪراچي وڃي اتي فيڪٽري ۾ ڪمائيندڙ ويڳي ڀاءُ پنھون کي بھاني سان وٺي وڃي ٽول پلازا وٽ گھٽا ڏئي قتل ڪري ان جو لاش وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو. جوابدار جو چوڻ هو ته نشي آور گوريون کارائي ڀيڻ کي بھاني سان وٺي وڃي روھڙي ڪينال تي زير پير موڙي وٽ ڇري  سان سير وجھي ماري لوڙھي ڇڏيو. هوڏانهن مقتول پنھون لاکو جي سڳي ماءُ شھناز ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته پٽ بيگناھ آھي ۽ ڪراچي ۾ ڪمائيندو ھو کيس بھاني سان وٺي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي ۽ ھو ڪارو نه ھو.هوڏانهن نيوسعيدآباد ٿاڻي تي سرڪار پاران سب انسپيڪٽر فتح محمد انڙ جي فرياد تي پيءُ طالب لاکو سندن ٻن پٽن مشتاق لاکو ۽ خالد لاکو تي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آھي.