ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ، چاچن ۽ سئوٽن تي قتل جو الزام، شڪ جي بنياد تي ھڪ ڄڻو گرفتار، ڪيس داخل نه ٿيو، ان ڏس ۾ ڪنري ويجھو ڳوٺ راڻو ڪپري ۾ 37 ورھين جي نوجوان حيات ولد عبدالمجيد عرف گوڌو ڪپري جو انب جي وڻ سان ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف اسپتال ۾ فوتي نوجوان جي سئوٽن سردار ڪپري، رياض ڪپري ۽ ٻين الزام لڳائيندي چيو ته حيات ڪپري جو سندس چاچي وارن سان 2 سالن کان زميني تڪرار ھلندڙ ھو. گذريل ڏينھن اسان کي صبح جي وقت حيات جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو آھي. شڪ آھي ته حيات کي چاچي ۽ سئوٽن قتل ڪيو  آهي،  ھنن چيو ته نوجوان جون اکيون صحيح ڪم نٿيون ڪن ته هو وڻ تي چڙھي آپگھات ڪئين ٿو ڪري سگھي؟ هنن مطالبو ڪيو ته مامري جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻئي پاسي پوليس فوتي نوجوان جي وارثن جي الزامن بعد شڪ جي بنياد تي فوتي نوجوان جي سئوٽ مھراڻ ڪپري کي تحويل ۾ وٺي ورتو، پوليس موجب ته نوجوان جي مڙھ جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آھي، جزا ليبارٽري اماڻيا ويندا، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.