نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز): آمريڪا جي اداري فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (ايف ڊي اي) ايلون مسڪ جي ڪمپني نيورالنڪ کي انساني دماغ ۾ ڪمپيوٽر چپ لڳائڻ لاءِ ڪلينيڪل ٽرائل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اها ڳالهه ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌائي وئي آهي. ان کان اڳ مارچ 2023ع ۾ ايف ڊي اي نيورالنڪ کي اهڙي ڪلينيڪل ٽرائل جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. ايلون مسڪ 2019ع کان هيل تائين گھٽ ۾ گھٽ 4 ڀيرا اعلان ڪري چڪو آهي ته سندس ڪمپني انسانن تي ان ڪمپيوٽر چپ جي آزمائش جلد شروع ڪندي. پر 2016ع کان ڪم ڪندڙ ان ڪمپني پهريون ڀيرو ان ڪلينيڪل ٽرائل جي منظوري لاءِ 2022ع ۾ ايف ڊي اي سان رابطو ڪيو هو پر درخواست کي رد ڪيو ويو هو. مارچ ۾ آمريڪي ريگوليٽر اداري طرفان ڪلينيڪل ٽرائل جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪندي ان ڊوائيس جي بيٽري جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪيا هئا. ايف ڊي اي کي خدشو هوته ان ڊوائيس سان انساني حياتين کي خطرا ٿي سگھن ٿا . پر هاڻ ايف ڊي اي ڪلينيڪل ٽرائل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهو ان وقت ٿيو آهي جڏهن آمريڪي قانونسازن طرفان نيورالنڪ طرفان جانورن تي ڪيل تجربن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ هڪ جاچ پينل جوڙڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.