ڏهرڪي (ن پ ا ) ڏهرڪي جي ليبر ڪالوني واسي ڏهه سال جي نينگر عبدالرحمان پنهنجي والد مظفر کرل سان گڏجي دانهيندي چيو ته پاڙي جي دوست علي ڀٽو بليڪ ميل ڪري مون کان گهر جو موبائيل فون به کڻي ويو آھي ۽ مونسان هڪ مهيني کان وٺي بدفعلي به ڪندو آھي ,نينگر جي والد مظفر کرل ٻڌايو ته علي ڀٽو هڪ لوفر ڇوڪروآھي جنهن منهنجي پٽ کي بليڪ ميل ڪيو آھي ,۽ بدفعلي به ڪئي آھي ,هوڏانهن الزام هيٺ آيل نينگر علي ڀٽو ٻڌايو مون تي بدفعلي جو ڪوڙو الزام لڳايو پيو وڃي ,نينگر عبدالرحمان جو موبائيل مون وٽ ناهي پر هن ٻئي دوست کي موبائيل ڏنو هيو جتي مان به موجود هيس مان غريب آهيان مون کي ڦاسايو پيو وڃي,هوڏانهن ڏهرڪي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته فريادي کي گهرايو آھي نينگر جي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ليٽر ڏيندا سين پر جنهن تي الزام آھي اهو نينگر به ننڍي عمر جو آھي.