لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان نئون ديرو روڊ تي ون ويلنگ ڪندڙ نوجوان جي موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ لهر ڪالوني واسي 35 ورهين جو واٽهڙو اختيار علي ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي علاج دوران هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ان موقعي تي فوتي پورهيت جي وارثن ٻڌايو ته هو نئون ديرو روڊ تي قائم هوٽل تي چانهه پيئڻ بعد واپس لهر ڪالوني اچي رهيو هو ته رستي ۾ اوباش نوجوان جي ون ويلنگ دوران تيز رفتار موٽرسائيڪل کيس ٽڪر هنيو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو ۽ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي جو ذميوار عاقل روڊ جو چنا ڳوٺ واسي موٽرسائيڪل هلائيندڙ پرويز ميراڻي آهي، جنهن جي والد کي عيوضي ۾ حراست ۾ ورتو ويو آهي.