ڀرياسٽي (ن پ ا) ڀرياسٽي ڀرسان زمين جي مالڪيءَ تان ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تيز، فائرنگ، 2 ڄڻا گوليون لڳڻ سبب زخمي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پي ايم يو نواب شاهه اسپتال منتقل، اطلاع تي ڊي ايس پي ڀرياسثي جي اڳواڻي ۾ 10 ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جهيڙيندڙ ڌرين وٽ پهچي فائرنگ روڪرائي ورتي. ڀرياسٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير مهائين ۾ ڪلهوڙا برادري جي اڳوڻي يوسي چيئرمين عبدالجبار ڪلهوڙو ۽ پ پ اڳواڻ ڪامرِيڊ رفيق ڪلهوڙو جي وچ ۾ ڪافي وقت کان هلندڙ زمين جي مالڪيءَ جي تڪرار تان ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا نثار احمد ڪلهوڙو ۽ امين احمد ڪلهوڙو گوليون لڳڻ سبب سخت ٿي پيا جتان نثار احمد ڪلهوڙو کي ڀرياسٽي اسپتال مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي پاسي واقعي بعد 10 ٿاڻن جي پوليس ڊي ايس پي ڀريا ستار اڄڻ جي اڳواڻي ۾ واقعي واري هنڌ پهتي، ان موقعي تي ڊي ايس پي ڀريا ٻڌايو ته ڌرين ۾ فائرنگ بند ڪرائي زخمين کي اسپتال منتقل ڪرايو، في الحال امن لاءِ ڳوٺ ۾ پوليس مقرر ڪئي آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو هو.