نوري آباد ن پ ا آباد جي صنعتي زون ۾ نوري آباد سائٽ ايريا پوليس جي اھلڪارن سنڌ حڪومت طرفان شام جو ڇھين وڳي لاڪ ڊائون ڪري دڪان بند ڪرڻ حڪم کانپوءِ نوري آباد ۾ ڪاروبار بند ڪرايو ويو. ان دوران پوليس اھلڪارن ريڙھي تي فروٽ وڪرو ڪندڙ پورھيت پرماند ولد وسند باگڙي تي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو، جيڪو سخت زخمي ٿي پيو. زخمي پورھيت کي وارث نوري آباد پريس ڪلب آڏو صحآفين اڳيان دانھيندي ٻڌايو ته غريب آھيون، ٻچن جو پيٽ پالڻ خاطر حق حلال جي روزي ڪمايون ٿا. پوليس اھلڪارن مفت ۾ فروٽ گھريو جيڪو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي پوليس اھلڪارن چيو تـ لاڪ ڊائون ۾ ٿا ريڙھو ھلايو . اھو مٿس ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو جنھن سبب نوجوان زخمي ٿي پيو آهي. پوليس معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لا۽ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن، پورھيت تي تشدد ڪندڙ اھلڪارن خلاف ڪا ڪاروائي ايس ايڇ او نوري آباد علي خان راھوجو سان رابطي تي چيو ته اھڙو ڪو عمل نه ٿيو آھي اسان جانچ.ڪري رھيا آھيون.