ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي ۾ مال جي پڙي تي آيل پنجاب جي واپاري کان ڦر جي ڪوشش، مزاحمت تي گولي هڻي زخمي. ڏهرڪي باءِ پاس تي الخيبر هوٽل تي ڦورن ڪاهه ڪري مال جي پڙي تي آيل پنجاب جي واپارين کان ڦر جي ڪوشش  ڪئي، مزاحمت تي  ڦورن گوليون هلائي ڏنيون، گولي لڳڻ سبب فيصل آباد واسي واپاري آصف علي زخمي ٿي پيو جنهن کي ڏهرڪي جي اسپتال آندو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ڪوشش ڪري رهيا آھيون ته ڦورن جو پتو لڳائجي سي سي ٽي وي فوٽيج به مليا آھن.