دوداپور (ن پ ا)  دوداپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ زورڳڙھ ۾ چور ممتاز منگي جي گهر کي کاٽ ھڻي الهه تلهه ٻھاري کڻي ويا، رابطو ڪرڻ تي پورهيت ممتاز منگي ٻڌايو ته سبزي هلائي پيٽ جو گذر سفر ڪندو آھيان ظالم چورن منهنجي گهر جو سڄو سامان چوري ڪري ويا آهن جنهن ۾ 50هزار روڪ سونا  زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، هن ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿي ويل سامان واپس ڪرائي وڃي.