لکي غلام شاھ (ن پ ا)سکر واسي ليبارٽري تي ڪم ڪندڙ نوجوان فرحان پٽ منور قريشي موٽرسائيڪل تي لکي غلام شاھ ايندي پراسرار نموني رستي تان گم ٿي ويو آهي. ظهير احمد قريشي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته فرحان قريشي سکر ليبارٽري تي ڪم ڪندو آهي، جنهن جا ٻارڙا لکي غلام شاھ ۾ رشتيدارن وٽ ترسيل  هئا، جنهن رات فون ڪئي ته مان لکي طرف اچان پيو، جيڪو هن وقت تائين ناهي پهتو،فرحان جو موبائيل نمبر به بند ملي رهيو آهي اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي.هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته نوجوان جي ڳولا ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي.