حيدرآباد: ڊي ايس پي جي پوليس موبائيل رانگ سائيڊ تي بيھارڻ دوران لفٽر ۽ ڊرائيور ۾ ڇڪتاڻ

0
358

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ميران محمد شاھ روڊ تي ڊي ايس پي ڇلگري جي پوليس موبائل ڊرائيور پاران  رانگ سائيڊ تي بيهارڻ دوران لفٽر ۽ ڊرائيور ۾ ڇڪتاڻ، سٽي ٽريفڪ سيڪشن جي عملي لفٽر تي پوليس موبائل کڻي ٿاڻي منتقل ڪئي، معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ٽريفڪ پوليس عملي يوٽرن وٺي ڇڏيو، ٽريفڪ انچارج نعيم راجپوت جو چوڻ ھو تھ ڊي ايس پي ڇلگري جي پوليس موبائل اوچتو خراب ٿي پئي هئي، ٽريفڪ عملدار موجب گاڏي خراب ٿيڻ سبب ٽريفڪ ۾ خلل پوي ها ان لاءِ لفٽر ذريعي کڻائي مڪينڪ جي دڪان تائين پهچائي، ذريعن موجب پوليس موبائل نو پارڪنگ ۾ بيٺل هئي ان لاءِ لفٽر عملي کنئي پر معاملو مٿئين ليول جو هئڻ سبب بعد ۾ موبائل خراب هئڻ جو جواز ڄاڻايو ويو.