ڏهرڪي ويجهو ڳوٺاڻن فريد ايڪسپريس کي وڏي حادثي کان بچائي ورتو

0
304
ڏهرڪي ويجهو ڳوٺاڻن

ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺاڻن فريد ايڪسپريس کي وڏي حادثي کان بچائي ورتو، ڳوٺ گُونو شر وٽ ريلوي پٽڙي ٽٽل ڏسي ڳوٺاڻن فريد ايڪسپريس جي ڊرائيور کي اشارا ڏئي ٽرين بيهاري

 ڳوٺاڻن جي حاضر دماغي سبب ڪراچي کان لاهور ويندڙ ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي، ٽٽل پٽڙيءَ جي مرمت لاءِ ريلوي جو عملو پهچي ويو

 ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد ٽرين کي روانو ڪيو ويندو