عوام کان صحت کسڻ جي ڪوشش: حياتيون بچائيندڙ 110 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش

0
244

ملڪ ۾ دوائن جي ٻيهر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ وڌي وئي، جنهن سبب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي 110 کان وڌيڪ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي

صحت بابت وفاقي وزارت جي ذريعن موجب ملڪ ۾ اينسٿيزيا، ڪينسر، نفسياتي مرضن، عضون جي پيوندڪاري ۽ ٻين بيمارين ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي

وزارت جو چوڻ آهي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته خدشو آهي فارما ڪمپنيون اهي دوائون ٺاهڻ ۽ ٻاهران گهرائڻ بند ڪري ڇڏينديون. ڊريپ اختيارين موجب اسان کي 400 کان وڌيڪ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جون درخواستون وصول ٿيون هيون پر 110 حياتي بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي آهي