اليڪشن ۽ مسئلن جي منهن ۾ ڦاٿل ملڪ

0
169

 پاڪستان ۾ سياسي مسئلا اڳ کان وڌي ويا آهن جنهن جو وڏو سبب به اهو ئي آهي ته غير اهم اشوز کي وڌيڪ اهميت ڏئي وقت ۽ پئسي جو زيان ڪيو ويو آهي. ملڪ ۾ هر پارٽي ۽ هن جو ڪارڪن هر وقت انهي وٺ پڪڙ ۾ ئي پورو هوندو آهي ته اقتدر جي ڊوڙ ۾ ڪرسي ڪيئن حاصل ڪجي انهي ڀڄ ته پڄان ۾ سرڪار جا مزا ماڻيندڙن اڳواڻن وٽ وري ڪو خاص منشور ۽ پلان ئي ناهي هوندو ته هنن کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي ليڊرن لاءِ کوکلا نعرا ، جلسا ۽ ريليون ڪڍندڙ ڪارڪن هنن جي ئي طاقت ۽ حوس جو شڪار ٿيندا آهن جيڪي اڳ مٿن فخر ڪندا رهندا هئا.

                 آئيني،سياسي بالادستي سان گڏوگڏ اهم معاملا اڄ به جيئن جو تيئن پيا آهن جنهن ۾ اهم معاشي ۽ معاشرتي مسئلا آهن مثال طور  غربت، جهالت، آبادي جي واڌ، طبعي سهولتن جي اڻهوند، انفرااسٽرڪچر جي گهٽتائي، تعليمي سرگرمين ۽ معيار جا مونجهارا، اٽي لٽي ۽ اجهي جي سوالن سان بجلي پاڻي ۽ زراعت جا سوين مسئلا آهن جن تي توجھه ڏيڻ جي اشد ضرورت آهي پر حڪمران ڪجھه بيان بازي ڪري عوام کي آسرن ۾ هميشه کان روليندا رهيا آهن.

ايئن ناهي ته حڪومتون هنن اشوز ته بجيٽ ۾ پئسا ناهن رکنديون پر هنن مسئلن تي رکيل  بجيٽ جو ڪافي حصو ته ادارن جي ڪميشن ۽ سياستدانن جي ڪرپشن جي شڪار ٿيو وڃي ۽ اصل رقم مان جيڪڏهن ڪجھه رقم به ڪم ته خرچ ٿي ته سمجهبو وڏي ڳالھه ٿي پئي انهي سببن جي ڪري پنهنجي ملڪ ۾ وڃن ٿا مسئلا ڏينهن ڏينهن وڌندا.

ڪجھه سياسي جماعتون چون اسان کي پاور ملي تي ملڪ  کي اسلامي ڪيون کين خبر به اٿن ته پياري پاڪستان ۾  96 سيڪڙو انسان مسلمان ئي ته آهن. اڳ اهي مهانگائي ۽  معاشرتي مسئلن خلاف روڊن تي ايندا رهيا پر اڄڪلھه پئسن جي ڪري سڀ گڏ چپ سبيو ويٺا آهن.

هر شخص رياست جي وهنوار کي پنهنجي سوچ ،خيال مطابق هلائڻ جو خواهشمند آهي پر رياست سڳوري ۾ ته سياست صرف پاور ۽ پئسي جي هلندي، ڪير ڀلي پاڪستان جي سياست ۽ مسئلن جي ڪھڙي به کڻي درجا بندي ڪري ۽ انهن تي ڪهڙا به ڪک رکي پر ڳالھه وڃي به اتي دنگ ڪندي ته ملڪ  ۾ مسئلن جا انبار جنهن جا پيدا ڪيل آهن انهن کي ئي حل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو نئين طريقي سان پنهنجا مفاد مورچا ڇڏي ڪري ملڪ جي سالميت ۽ خوشحالي لاءِ اقربا پروري، نسل پرستي ڇڏي محرومين جو ازالو ڪرڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ جمهوريت به ڪيترائي منهن ڪڍي سامهون ايندي رهي آهي جنهن ۾ مشهور زمانا برانڊ “بنيادي جمهوريت”، “اسلامي جمهوريت” ۽  “حقيقي جمهوريت” شامل آهي.

گذريل ستر سالن کان وڌيڪ وقت گذاريندڙ ملڪ جون حالتون ڪيتريون ته تاريخ جو حصو ٿي ويون پر  اڄ به ملڪي مفادن جي خلاف ڪيل فيصلا اتي ئي پيل رهيا آهن حيرت انگيز بدعنواني ۽ مقامي بيوروڪريسي جي نااهلي جي ڪري رياست جي ادارن تان عوام جو ويساھه ئي ختم ٿيندو پيو وڃي. پوليس جو ڪم آهي ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ هتي ته ابتي گنگا پئي وهي هتي ماڻهو ٿا پوليس  جو وري خيال رکن.

عوام  سياسي پارٽين کي اقتدار جي جنگ جو حصو سمجهي ٿو ۽ هر ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽرن جو تناسب گهٽبو پيو وڃي، عام اليڪشن ۾ به ماڻهو پنهنجي بهتري نه ڏسندي انهي مهم جو حصو  نه پيو ٿئي وڏين وڏين سياسي پارٽين جي گروهن ۽ گروپن ۾ ڌڙا بندي عوام ۽ جمهوريت کي نقصان رسايو آهي.

اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جي مڙني مسئلن جو حل صرف ۽ صرف جديد ترقي پسند سوچ سان سلهاڙيل آهي جنهن ۾ حقيقي طور عوام لاءِ سچائي سان  منجهيل مسئلن کي منهن ڏيڻ جي طاقت ۽ خوشحالي لاءِ اڳتي قدم وڌائڻ جو حوصلو ۽ وچن هجي، جنهن سان  ئي ماڻهن  ۾  آيل مايوسي ختم ٿي سگهندي.

[email protected]