ڏهرڪي/ ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: اعظم سهرياڻي/ برڪت ميراڻي) ڏهرڪيءَ ۾ انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو، مقامي بااثر، اقليتي اوڏ برادري جي فوتيءَ کي قبرستان ۾ دفنائڻ نه ڏنو، وارث سڄي رات ميت گهر ۾ رکڻ بعد صبح جو چندو ڪري مڙهه خيرپور کڻائي ويا. خبر موجب ڏهرڪيءَ جي عظيم ڪالونيءَ جو رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور سڌير اوڏ سومر تي شام جو فوت ٿي ويو. آخري رسمن بعد وارثن فوتيءَ جو لاش کڻي ڏهر موڙ واري قبرستان ويا ته کين تدفين کان روڪيو ويو. ان سلسلي ۾ فوتيءَ جي وارثن هريش ڪمار ۽ پهلوان ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسان فوتي سڌير جو لاش دفنائڻ لاءِ ڏهر موڙ واري قبرستان وياسين، جتي اڳ ۾ به اسان جا ڪيترائي مِٽ مائٽ دفن آھن پر مجاور طرفان اهو چئي روڪيو ويو ته مقامي بااثر روڪيو آھي، جيستائين توهان پنهنجي قبرستان جي حدبندي واري ديوار نه ڪڍندا تيستائين ميت کي دفن ڪرڻ نه ڏيندا سين. ايلاز منٿن باوجود لاش دفنائڻ نه ڏنو ويو. اهڙي صورتحال بعد وارث چندو ڪري مڙهه کي ٽنڊو مستي واري اوڏن جي قبرستان ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي ويا. فوتي پورهيت جي وارثن جو چوڻ هو ته سڌير پيدا به ڏهرڪي ۾ ٿيو، 48 سال ڏهرڪي ۾ گذاريا پر اڄ  کيس دفن ڪرڻ به نه ڏنو ويو. وارثن چيو ته اسان پ پ منارٽي ونگ جا ڪارڪن به آھيون، تنهن هوندي به اسان سان هيڏو وڏو ناحق ٿيو جو اسان کي ميت دفنائڻ به نه ڏنو ويو. هوڏانهن مختيار ڪار ڏهرڪي اشرف پتافي ٻڌايو ته معاملي جي دير سان ڄاڻ ملي آھي، ڊي سي گهوٽڪي به نوٽيس ورتو آھي. ان سلسلي ۾جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ميرپورماٿيلو جسقم جساف طرفان ڏھرڪي واقعي خلاف فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، وحيد سنڌي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته ڪجهه ڌريون سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي پکيڙي ڌرتي ڌڻين کي لڏائڻ چاهين ٿا. هنن آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي اصل وارث ٽيڪسي ڊرائيور سڌير اوڏ جي لاش کي قبرستان ۾ دفنائڻ کان روڪيندڙ بااثر خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي.