اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي اسلام آباد مان گذرڻ جي اجازت ڏني وڃي، عمران خان جو هيليڪاپٽر پريڊ گرائونڊ ۾ لهندو جتان ريلي جي صورت ۾جلسي ۾ پهچندو، درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي. پي ٽي آءِ جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي.