ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس جي 6 هزار اهلڪارن کي اسلام آباد موڪلڻ واري اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي درخواست ٻڌڻ جوڳي نه هجڻ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏي،  ڪالهه ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته آئين جي ڪهڙي شق جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي؟ جنهن تي حليم عادل جي وڪيل ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪلز 15 ۽ 16 جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، آءِ جي سنڌ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي، هن چيو ته آئين هر شهري کي احتجاج جو حق ڏئي ٿو، پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ فورس موڪلي وئي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته ڇا احتجاج اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي؟ ڇا ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي آهي، عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار نه ڏيندي رد ڪري ڇڏي.