ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي باءِ پاس تي ٽرڪ جي ٽڪر بعد موٽر سائيڪل کي باهه لڳي ويئي، نَون ورهين جو نينگر ٽرڪ جي ٽڪر ۾ ئي فوت، والدين سخت زخمي. خبر موجب ريتي واسي اڪرم مزاري پنهنجي زال ۽ پٽ سميت موٽرسائيڪل تي ميرپور ماٿيلو وڃي رهيو هو ته پويان ايندڙ ٽرڪ ٽڪر هو، نتيجي ۾ موٽر سائيڪل کي باهه لڳي ويئي، زوردار ٽڪر لڳڻ سبب 9 ورهين جو اسلم مزاري ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس والدين اڪرم۽ ماءُ نسيم مزاري سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال مان فوري طبي امداد ڏيڻ بعد علاج لاءِ رحيم يار خان نيو ويو.