ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي مهمد خان جي عدالت پاران منشيات ڪيس ۾ عورت کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊي محمد خان جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج منور سلطانه منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عورت مسمات نورجهان کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي 14 سال سخت پورهيي سان قيد ۽ 2 لک روپيه ڏنڊ جي سزا جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي ، جنهن ۾ ڄاڻايل عورت سال اڳ مويا ٿاڻي جي حد مان چرس رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪئي ويئي هئي .