عثمان شاھ ھڙي: ( ن پ ا )   عثمان شاهه هڙي ڀرسان حادثي جي نتيجي ۾ عورت فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. عمر ساند ٿاڻي جي بس اسٽاپ حاجي علو ٽنڊوآدم روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ وچ ۾ زوردار ٽڪر ۾ شھدادپور لڳ ڳوٺ ابراهيم ڏيٿو جا رھواسي ڏيوو ڪولھي زخمي ۽ ھتي زال ڏيوو ڪولھي موقعي تي فوت ٿي وئي. جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور موقعي واري جاء تان فرار جڏهن ته ٻه ٻار راڌيڪا ڌيءَ ڏيوو ڪولھي سورج پٽ ڏيوو ڪولھي معجزا نه طور بچي ويا جڏهن عمر ساند پوليس لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪري ڇڏيو.