ڪراچي (رپورٽ : فقير سليم) وفاقي سرڪار پاران ڪامپريهنسو ڪوسٽل ڊولپمينٽ زون تي ڪم ڪرڻ لاءِ ماحولياتي ماهرن کان تجويزون وٺڻ جو فيصلو، علي زيدي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي به ڪم ڪرائڻ ۽ ڪي پي ٽي جي زمين تي ايم پي ايز پاران قائم ڪيل ملز ڊاهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ ميري ٽائيم جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٿيل سيمينار کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي صدر عارف علوي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ملڪ جا سمورا پورٽ گرين پورٽ ٿين، انهي لاءِ سامونڊي گدلاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريون پيا، سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو ته معيشت ۾ سامونڊي رستن جو اهم ڪردار آهي، بحري معاملن واري وفاقي وزير علي زيدي چيو ته بليو اڪانومي سان ڪيترائي سيڪٽر ڳنڍيل آهن، اسان ڪامياب ماهيگير پروگرام شروع ڪيو آهي، مهاڻن کي آسان قسطن تي قرض ڏيون پيا ڪورونا ڪري ٻين ڪاروبارن سان گڏ شپنگ کي وڏو نقصان پهتو، اسان يورپي يونين کي خط لکيو آهي، جيئن پاڪستان جي سي فريئرز جي ويزا ۾ آساني ڪئي وڃي، هن چيو ته ڪامپريهنسو ڪوسٽل ڊيولپمينٽ زون کي سي پيڪ سان گڏائي انهي منصوبي تي ڪم شروع ڪنداسين، آبي گدلاڻ سبب هي منصوبو شروع ٿي رهيو آهي، ڪراچي جو ساڍا چار ملين گيلن گندو پاڻي لياري ندي وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙڪري ٿو، جڏهن ته 4 کان 5 هزار ٽن سالڊ ويسٽ سمنڊ ۾ ڇڏيو وڃي ٿو، سالڊ ويسٽ مينجمنيٽ جو ڪو نظام ناهي، اهڙي صورتحال سبب ماهيگيري ختم ٿي رهي آهي، هن چيو ته اسين لياري ندي ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائي هر ڦڙو صاف ڪري سمنڊ ۾ ڇڏينداسين، وفاقي حڪومت کي ڪي پي ٽي يا وفاقي حڪومت جي پنهنجي زمين تي ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي سنڌ حڪومت کان اجازت جي ضرورت ناهي، سنڌ حڪومت ڪي پي ٽي جي زمين غيرقانوني طور ماڻهن کي الاٽ ڪري ڇڏي آهي، ايم پي ايز پاران اتي ملز قائم ڪيون ويون آهن، اسان اهي قبضا هٽائينداسين، ٻئي طرف ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي علي زيدي چيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽ به وفاقي حڪومت جي ملڪيت آهن، وفاقي حڪومت اتي ترقياتي ڪم ڪرائيندي، انهي لاءِ ماحولياتي ماهرن کي گهرائي ماحولياتي اثرن بابت تجويزون وٺنداسين، هن چيو ته ڪمپريهنسو ڪوسٽل ڊيولپمينٽ منصوبي تحت تمر جا ٻيلا لڳائينداسين. سيمينار کي برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسٽين ٽيومر، نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي ڊائريڪٽر ڪيپٽن انور شاهه، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي ريئر ايڊمرل محمد شعيب ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.