لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف ۽ نواز ليگ جي طاقت مخالف ڄاڻن ٿا پر پنهنجا ماڻهو نه ٿا سمجهن، پارٽي ۾ ڪجهه ماڻهو اسان ۽ اسان انهن کان ڊڄون ٿا. نواز ليگ پنجاب جي انتظام هيٺ فيصل آباد ڊويزن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته عوام جن کي وٽ ڏنو، انهن کي آر ٽي ايس ذريعي هارايو ويو. نواز شريف چئي ٿو ووٽ کي عزت ڏيو، ڇا ان جو بيانيو درست آهي يا اهو صحيح آهي، جيڪو چئي ٿو ووٽ کي پيرن هيٺان چِٿي ڇڏيو. ڇا نواز شريف جو اهو بيانيو غلط آهي ته پارليامينٽ جو احترام ڪيو، عوام جن کي ووٽ ڏنو، انهن کي آر ٽي ايس ذريعي هارايو ويو. مريم نواز چيو ته جڏهن توهان اليڪشن ۾ وڃو ته چيو وڃي وفاداري ڇڏي ڏيو، پاڻ تي لوٽي جو ڇُٽو لڳايو، جيڪڏهن ائين نه ڪندئو ته توهان کي چونڊن ۾ هارايو ويندو، هاڻ بيانيي جي ڀيٽ ڪيو ته ڪهڙو درست آهي؟ مريم نواز چيو ته نواز شريف جي بيانيي جي اڳ ئي فتح ٿي چڪي آهي، قوم کي شعور ڏيارڻ ليڊر جي بيانيي جي فتح هوندي آهي، نواز شريف قوم کي ٻڌائي ڇڏيو ته عوام جا حق ڪهڙا آهن، اهي ڪير ڦٻائيندو آهي، اهي اسان کي ليڊر کان ڌار نٿا ڪري سگهن، جماعت کي ٽوڙي نٿا سگهن، اسان جي خدمت کي نظرانداز نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته عزت ۽ ذلت ڇا انسانن جي هٿن ۾ آهي؟ ڇا رزق انسانن جي هٿن ۾ آهي؟ ڇا زندگي ۽ موت انسانن جي هٿن ۾ آهي؟ جيڪڏهن اهو سڀ الله پاڪ جي هٿ ۾ آهي ته اسان انهن کان ڇو ڊڄون، جن کي پنهنجي سڀاڻي جي به خبر ناهي. مريم نواز چيو ته نواز ليگ جي ووٽ، بيانيي ۽ خدمت جي طاقت جو مخالفن کي به آهي پر پنهنجن ماڻهن کي اندازو ناهي، پنهنجي پارٽي کي اندازو نه آهي، ڇاڪاڻ نواز ليگ ۾ اڄ به ڪجهه ماڻهو اهڙا آهن، جيڪي اسان کان ڊڄن ٿا ۽ اسان انهن کان ڊڄون ٿا. ان کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته نوازشريف قوم کي ٻڌايو ته عوام جا حق ڪير ڦٻائيندو آهي، نوازشريف جو وزن هو ته سي پيڪ ٺاهيو، سيڙپڪاري آڻيو، اڄ عمران خان جو ڪوئي به بياڻيو کڻو، اهو خيرات پندي نظر ايندو. هن چيو ته چونڊيل وزيراعظم چوندو هو اسان کي سيڙپڪاري ڏيو، خيرات نه کپي، هاڻ عمران خان دنيا کي چوي ٿو ڪورونا آيو آهي، پاڪستان جي مدد ڪريو، معاشي بحران ايندو آهي ته دنيا کان هڪ ارب، 50 ڪروڙ ڊالرز گهرندو آهي، مريم نواز چيو ته عوام کي چيو ويندو هو ته ووٽ ڏيڻ اوهان جو حق نه آهي، خيرات جي طور تي ڏنو ويندو هو، نوازشريف جي بيانيي جي پهرين ئي سوڀ ٿي چڪي آهي، قوم کي شعور ڏيارڻ ليڊر جي بيانيي جي سوڀ هوندي آهي.