ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ پاران ٻٽي شهريت بابت داخل ڪيل درخواست جو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي حليم عادل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي اختلافن کي سياسي معاملو قرار ڏيندي چيو آهي ته مراد علي شاهه تي آرٽيڪل 62 لاڳو نه ٿو ٿئي، رٽ پٽيشن ۾ اهو جائزو وٺڻ به ضروري آهي ته درخواستگذار جو ڪهڙو مقصد آهي؟ عدالت تفصيلي فيصلي ۾ ڄاڻايو ته حليم عادل شيخ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو سياسي مخالف آهي، پسمنظر مان به اندازو ٿئي ٿو ته ڄاڻايل درخواست ذاتي سياسي مقصدن تحت داخل ڪئي وئي، انهي درخواست جو عوامي مفادن سان ڪو به تعلق ناهي، بار بار پڇڻ تي به اهو نه ٻڌايو ويو ته مراد علي شاهه جي نامزدگي ڪاغذن کي چيلنج ڇو ڪيو ويو؟ عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته هڪ ڀيرو ڪوڙو حلف نامو يا غلط معلومات جمع ڪرائڻ تي ڪنهن کي هميشه لاءِ نااهل قرار نه ٿو ڏئي سگهجي، انهي حوالي سان سپريم ڪورٽ به فيصلا ڏئي چڪي آهي. عدالت چيو ته عدالتي فيصلن جي روشني ۾ مراد علي شاهه خلاف ڪرمنل ڪارروائي جو به ڪو جواز ناهي.