ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي فاسٽ بالر جتي پنهنجي بالن سان بيٽسمينن کي گهمائيندا آهن اتي پنهنجي سريلي آواز سان مداحن کي وندرائيندا آهن. سوشل ميڊيا تي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي ۽ نسيم شاهه جي وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو ٻئي سنڌي گانو ڳائيندي نظر اچن ٿا. هو ٻئي سنڌي گيت “جمعي رات اينداسين، تنهنجي چانهه پيئنداسين” ڳائيندي ٻڌي سگهجن ٿا. اهو گانو مشهور فنڪار عمران جمالي جو ڳايل آهي.