ڪراچي(اسپورٽس نيوز) عالمي ڪپ لاءِ ٽيم سليڪشن تي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي به اعتراض واريندي سينئر رانديگرن کي شام ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. شاهد آفريدي جو چوڻ آهي ته تجربيڪار ڪرڪيٽر جي مڊل آرڊر ۾ پاڪستان کي سخت ضرورت آهي. انهن جي بينچ تي ويهڻ سان به فائدو ٿيندو. هن چيو ته شعيب ملڪ سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ کيڏي آهي ۽ هر جاءِ تي عمده ڪارڪردگي ڏيکاري هو هر فرنچائز جي پهرين چونڊ هوندو آهي ۽ تمام گهڻو فٽ آهي، شعيب بينچ تي به هجي ها ته ان جو ڪپتان بابراعظم کي به فائدو ٿئي ها، هو پلان جو حصو نه هو ته به سليڪٽرز کي ساڻس ڳالهائڻ گهرجي ٿا، گهٽ ۾ گهٽ انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ته ٽيم ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ئي ها. 3 کان چئن ميچن ۾ سندس ڪارڪردگي ڏسي سگهجي پئي. شعيب مڊل آرڊر ۾ کيڏڻ جو تجربو رکي ٿو.