ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ويجھو ڳوٺ طالب رستي جا رھواسي محمد قاسم منڱريو ۽ محمد ھاشم منڱريو هتي دامهيندي ڍورونارو ٽائون ڪاميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير حاجي علي بخش منڱريو، حاجي حسين منڱريو ۽ متارو منڱريو تي زمين تي قبضي جي ڪوشش جو الزام هنيو آهي، هنن چيو ته پير پاڳاري جي خط تي فيصلو پڻ ٿيو، جنهن ۾ زمين اسان جي حوالي ڪئي وئي، پر ھاڻي ڄاڻايل ماڻهو ڍڳي چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي هراسان ڪري رھيا آھن، ھنن اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺي تدارڪ ڪرڻ جي گهر ڪئي، ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل فنڪشنل ليگ اڳواڻ حاجي حسين منڱريو ٻڌايو ته اسان تي الزام بي بنياد آهن، ڄاڻايل زمين ھي ماڻهو وڪرو ڪري چڪا آهن، ھاڻي متارو منڱريو جي کاتي واري زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، ان لاءِ اسان جي ساک کي خراب ڪرڻ لاءِ الزام بازي پيا ڪن، اسان ڪنهن کي به ڪا ڌمڪي نه ڏني آهي، معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.