مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي  جي علائقي ۾  ووڻن جا فصل سڙي تباهه ٿي ويا آهن،  ھزارين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽي جو فصل برساتي پاڻي بيھڻ سبب بانٺ بڻجي ويو آهي، جنهن سبب آبادگار پريشان آهن، ان حوالي سان آبادگارن ھمير مڱريو، مدثرلغاري، عبدالستار ابڙو، فريد لغاري،محمد بخش وگهيو ۽ ٻين   ٻڌايو ته ھزارين ايڪڙن تي بيٺل  ڦٽي جو تيار فصل برسات ۽ ٻوڏ سبب تباھ ٿي ويو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي رليف فراهم ڪيو وڃي.