ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) ڊالر 90 پئسا سستو ٿي 244.1 رپين تي پهتو: سون ۾ به 1000 رپيا گهٽتائي، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 1000 رپيا لاٿ سان 155200 مان154200 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته  چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، ٻئي طرف ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 90 پئسا لاٿ سان 245 مان 244.1 ۽ انٽر بينڪ ۾ 6 پئسا واڌ سان 239.65 مان 239.71 رپيا  ٿي ويو، واضح رهي ته انٽر بينڪ جي 15 هين ڪاروباري سيشن ۾ ڊالر 20.73 رپيا مهانگو ٿيو، هوڏانهن  پائونڊ  4 رپيا لاٿ سان 277.5 مان 273.5 ۽ يورو اڍائي رپيا لاٿ سان  242.5 مان 240 رپين تي پهتا  هئا