حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ مختلف منصوبن جون اسڪيمون مڪمل نه ٿيڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته اسڪيمن کي مقرر ڪيل وقت تي مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ٽنڊو ڄام شهر جي رهواسين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي واري اسڪيم جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪيمپ آفيس ۾ گڏجاڻي ۾ ڪمشنر چيو ته سال 2015ع ۾ 61 ڪروڙ رپين جي لاڳت واري اسڪيم بدقسمتي سان فنڊن ۾ دير سبب مڪمل نه ٿي سگهي آهي. کيس اسڪيم جي اسٽيٽس بابت فوري طور تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.