ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ چوپائي مال ۾ برساتن کانپوءِ بيماريون پکڙجي ويون آهن، خبر موجب کڻھار، موڍاڪر، ڍورونارو، دڙو، فرش موري، چيرولي، لکوموري، ساڍر، کاروڙ ۽ صاڀو سميت ٻين علائقن  ۾ تازو پيل برساتن بعد چوپائي مال ۾ بيماريون ڦھلجي ويون آهن، جنهن ۾ مالوندن جون ڪيتريون ئي ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون ۽ ٻيا جانور مري ويا آهن، ڳوٺاڻن اڪبر سمون، ارباب منڱريو، مڪيش ڪمار، ڪبير راڄڙ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته چوپائي مال ۾ لمپي، گل گھوٽو سميت ٻيون بيماريون پکڙجي ويون آهن، هنن ٻڌايو ته ھڪ مهيني دوران ڍورونارو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 300  کان مٿي ڍور مري ويا آهن، هنن چيو ته ڍورونارو ۾ جانورن جي اسپتال ھجڻ باوجود ڊاڪٽر ۽ عملو نٿو اچي، جنهن ڪري ڳريون قيمتون ڀري پرائيويٽ ڊاڪٽرن کان چوپائي مال جي ويڪسين ڪرائڻ تي مجبور آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته مال جي ويڪسين ڪري کين بيمارين کان بچايو وڃي،