ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ مين چوڪ ۽ ٽائون ڪاميٽي واري علائقي مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف دڪاندارن ۽ آل پارٽيزالائنس پاران ظفر کوسو، واجد عباسي، وسيم شاهه، منير چنا  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين چيو ته انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال نه پئي ڪرائي، جنهن ڪري لنگهڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،