اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيش ۽ ڀرپاسي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇر وڌيويا آهن. ان ڏس ۾ اڏيرو لال اسٽيشن، ڏھـ دري موري، ڀائو خان پٺاڻ ،  ڳوٺ ڪريم داد گھانگھلا  جي علائقن  ۾ برساتي پاڻي بيھي وڃڻ جي ڪري مڇرن  جو آزار وڌي ويو آهي مٿين علائقن  جي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ڊسٽرڪٽ  مٽياري جي مليريا کاتي وارن اڄ ڏينهن  تائين مڇر مار اسپري نه ڪرايو آھي ماڻهو توڙي چوپايو مال مڇرن جي آزار جي ڪري مصيبت ۾ مبتلا آهن  اڏيرو لال اسٽيشن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي نيڪالي لاء ڪو به خاطر خواھـ پروگرام موجود نه آهي  جنهن  جي ڪري گھٽين ۽ رستن ۾ پاڻي بيھي ٿو  وڃي جنهن  جي ڪري عوام کي  وڏي تڪليف مان گذرڻو پوندو آھي.  2سال گذري وڃڻ جي باوجود ڳوٺ ڪريم داد گھانگھلا  جو ڊرينيج اسڪيم مڪمل نه ٿي سگھيو  آهي  ڳوٺ مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري ڳوٺ جا ڪافي گھر پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن جنهن ڪري غريب ۽ مسڪينن کي پنهنجا گھر ڇڏڻا پيا آهن جنهن  ۾ جاويد علي گھانگھلو ، محرم گھانگھلو ، عزيزاَللّهُ  گھانگھلو  انهن  ماڻهن  پنهنجي اخبار جي نمائندي سان ڳالھائيندي  چيو ته ڪنهن به چونڊيل نمائندي ۽ نه ڪو سرڪار اسان جي سار لڌي آهي مڇرن جي آزار جي ڪري گيسٽرو، سخت بخار، الٽي،  چمڙي جي خارش  ۽ ٻين انيڪ بيمارين منهن ڪڍيو آهي.