سکر: ايس ايس پي آفيس سکر ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي نوجوان ساحل ڪمار ٻڌايو ته سترهن ڏينهن اڳ پريتم ۽ آئون سکر مان واپس ڪنڌرا وڃي رھيا ھئاسين ته اسان کي ھٿياربندن اغوا ڪري ورتو. ڏوھارين چيو ته اسان جنھن ڪم لاءِ آيا ھئاسين اھو ڪري پوءِ توھان کي ڇڏي ڏينداسين، پر اڳتي ھلي ھنن پريتم کي ڇڏي مون کي اکين تي پـٽي ٻڌي پاڻ سان کنيو. پھريان موٽر سائيڪل تي کنيو ويو، اڳتي ھلي ڪار تي ويھاريو ويو، مختلف هنڌن تي ھٿيار چيمبر ڪري قتل جو ارادو به ڪيو ويو، مسلسل اکيون بند رکيون ويون، ڌاڙيل ماني به وقت تي نه ڏيندا ھئا. وارثن سان ڪڏهن به فون تي نه ڳالهايو. منھنجي رڪارڊنگ ڪري وارثن کي اماڻي وئي ھئي. ڌاڙيلن ٻڌايو ته والد کان ھڪ ڪروڙ گھريو آھي، پئسا نه مليا ته تو کي قتل ڪري ڇڏينداسين، مون کين چيو ته اسان غريب آھيون، ايتري رقم ناھي. ساحل ڪمار ٻڌايو ته ڌاڙيلن وٽ گذاريل 17 ڏينھن قيامت کان گھٽ نه ھئا، ھر وقت پنھنجي والدين، گھر ڀاتين جي ياد ايندي ھئي. ھن ٻڌايو ته ڪجھه ڏينھن کان آسپاس فائرنگ جا آواز اچي رھيا ھئا. ڌاڙيلن کان نڪري اچڻ تمام ڏکيو آھي پر ڪالھه پوليس آپريشن ڪري بازياب ڪرايو آھي.