سکر/ڪنڌرا (رپورٽ: فاروق سومرو/ صالح ڪانڌڙو) ڪنڌرا مان اغوا ٿيل نوجوان بازياب، پوليس پاران مغويءَ کي باگڙجي ٻيلي مان بازياب ڪرائڻ ۽ ڌاڙيلن جي سھولتڪارن کي به گرفتارڪرڻ جي دعويٰ. خبر موجب ڪنڌرا مان 17 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل نوجوان ساحل ڪمار آريجا بازياب ٿي گھر پھچي ويو. ڪالھه نوجوان جي بازيابيءَ جو اطلاع ملڻ تي سندس امڙ، والد، ڀينرون، ڏاڏي، ڏاڏو، سؤٽ، ماسات سميت رشتيدار ۽ ھندو پنچائت جا اڳواڻ، نوجوان مرد توڙي عورتون ھٿن ۾ گلن جا هار ۽ مٺايون کڻي ايس ايس پي آفيس سکر پھچي ويا. ان موقعي تي نوجوان ساحل ڪمار ۽ ايس پي سکر سنگهار ملڪ مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ساحل ڪمار ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ باگڙجي ٻيلي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري ھو، ڪالھه ڳجھي اطلاع تي جھلي ڪلواڙيءَ وٽ ڪارروائي ڪري نوجوان کي بازياب ڪرايو ويو. هن ٻڌايو ته نوجوان کي زنجيرن سان قيد ڪيو ويو هو. سکر پوليس نوجوان کي بنا ڪنھن نقصان جي بازياب ڪرايو آهي. ايس ايس پي سکر ٻڌايو ته ڌاڙيلن جي سھولتڪارن ۽ ڪجهه مشڪوڪ ماڻهن کي پڻ حراست ۾ ورتو آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. مغوي نوجوان ساحل ڪمار آريجا جي والد سيلاب راءِ، امڙ، ڏاڏي، هندو پنچائت سکر ڪنڌرا جي مکي ۽ ٻين دعويٰ ڪندي چيو ته بنا ڪنھن ڀنگ ڀرڻ جي نوجوان پوليس جي ڪوششن سان بازياب ٿي خيريت سان واپس آيو آھي، اسان مطمئن آهيون، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ پنهنجو واعدو وفا ڪيو آھي.