سکر: ساحل ڪمار جي بازيابيءَ جو ٻڌي ايس ايس پي آفيس سکر پھتل سندس ماءُ، ڏاڏي، والد، ڀينرون توڙي ٻيا گھر ڀاتي اکين مان خوشيءَ جا لڙڪ لاڙيندي انتظار ڪندا رھيا. نوجوان جي پھچڻ تي سندس گهر ڀاتي ڀاڪر پائي روئيندا رھيا، انتهائي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. والدين توڙي گھر ڀاتين کي روئيندي ڏسي ساحل به پنھنجا لڙڪ روڪي نه سگھيو. وڏي انگ ۾ مٽ، مائٽ توڙي ڪنڌرا واسي ھندو برادري ساحل ڪمار توڙي ايس ايس پي سکر کي گلن جا ھار پارائي مبارڪون ڏئي خوشيءَ جو اظھار ڪيو. ساحل ڪمار جي بازيابيءَ جو اطلاع سوا 2 وڳي ڏنو ويو. اطلاع ملندي ئي ھندو برادري جا ماڻھو ايس ايس پي آفيس سکر پھچڻ شروع ٿي ويا. لڳ ڀڳ  ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کان پوءِ  مغوي نوجوان ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ سان گڏ پھتو.