ڌاٻيجي (ن پ ا) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي سپلاءِ ڪندڙ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڊگهو بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب 72انچ جي پنج نمبر پائپ لائن ڌماڪي سان ڦاٽي پئي، جنهن سبب 4 پمپ بند ٿي ويا ۽ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي، ذريعن موجب مقامي انتظاميا پاران ناقص مٽيريل لڳائي ڪم مڪمل ڪيو ويندو آھي جنهن سبب هر مهيني ۾ 2کان 4 ڀيرا لائن ڦاٽڻ معمول بڻجي وئي آهي، لائن ڦاٽڻ سبب لکين گيلن پاڻي آبادي وارن علائقن ۾ داخل ٿي ويو.