خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت نوجوان ناري سميت 4 باندي بڻايلن کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، سرچ وارنٽ جاري. خبر موجب خيرپور جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عدالت خيرپور جي کينهواري، برادي جتوئي ۽ سوراهه ٿاڻي جي پوليس کي سرچ وارنٽ جاري ڪندي حڪم ڏنو آهي ته ناحق باندي بڻايل 16 سالن جي نوجوان ناري شاهده ڌيءَ غلام حسين موهل، مختيار احمد، جنسار احمد ملاح ۽ منظور ولد ٻاٻيهو چاڪراڻي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت چئني کي ناحق باندي بڻائڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدارن کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. واضح رهي ته تعلقي نارا جي ڳوٺ ٻاٻيهو چاڪراڻي جي رهواسي محمد سکيل چاڪراڻي درخواست داخل ڪرائي آهي ته تعلقي نارا جي ڳوٺ مٺل مريءَ جي رهواسي جوابدار علي گل، سبحان، محمد حيات ۽ راشد جمالي سندس ڀاءُ منظور کي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن تعلقي نارا جي ڳوٺ علي محمد جي رهواسي نياز حسين ملاح طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي آهي ته ڳوٺ شبير شر جي رهواسي جوابدار غلام حسين، فضل محمد، اميد علي ۽ سحر عرف مارو شر سندس ڀاڻيجن مختيار احمد ۽ جنسار احمد کي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو آهي. جڏهن ته تعلقي ڪنگري جي ڳوٺ تڳيل موهل جي رهواسڻ مسمات نصيبان زال غلام حسين موهل طرفان درخواست داخل ڪرائي وئي آهي ته ڳوٺ جي رهواسي جوابدار فريد حسين ولد ذوالفقار موهل سندس 16 سالن جي نوجوان ڌيءَ شاهده کي ناحق باندي بڻائي ڇڏيو آهي جن کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي.