وڳڻ (ن پ ا ) وڳڻ جي مک چونڪ تي سواري جي انتظار ۾ بيٺل پيرسن عورت ڪار جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پئي، شھرين عورت کي وڳڻ رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو، وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، واقعو ڊرائيور جي مبينا غفلت سبب پيش آيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته زخمي عورت جي سڃاڻپ مسمات خانل خاتون زال محمد صالح بروھي ڳوٺ نور محمد سپرو واسڻ طور معلوم ٿي آهي