سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ حڪم اغوا ڄاڻايل نينگر کي شڪارپور پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻنھي ڌرين جي بيان بعد نينگر کي والد حوالي ڪيو ويو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ چڪ واسي شيرل ڌميو پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو ته برادري جي بااثر ماڻھن منهنجي گهرواري فهميده ۽ معصوم پٽ عبدالحميد کي ناحق قيد ڪيو، کيس خدشو آهي ته زال ۽ ٻار کي قتل ڪيو ويندو. درخواست گذار ۽ سندس وڪيل عدالت کي گذريل ٻڌڻيءَ تي آگاھ ڪيو ھو ته جوابدارن فهميده ڌميو کي قتل ڪري معصوم عبدالحميد کي گم ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پاران نينگر پيش ڪرڻ جي ايس ايس پي شڪارپور کي سخت حڪم کان پوءِ پوليس نينگر کي بازياب ڪرائي عدلت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻنھي ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪرڻ کان پوءِ نينگر کي والد حوالي ڪري ڇڏيو. ڪيس جي فريادي شيرل ڌميو موجب سندس گھرواريءَ کي يرغمال بنائڻ بعد قتل ڪيو ويو، مقتول فھميده جو قتل ڪيس سندس والد امان اللھ ڌميو چڪ ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي. درخواستگذار موجب سندس زال فهميده کي ڇهن جوابدارن قتل ڪيو، سھرو هڪ جوابدار جو نالو ڏئي ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.